اسلام آبا?? – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلند?? لاءِ ضروري آهي ته عالم?? برادري اهڙا عملي قدم کڻي، جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو ??ڃي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب ۾ غيرقانوني تبديلي، جاري ڀارتي فوجي گهيراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ڏس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي ڀارتي غاصباڻي قبضي جي خلاف امن جي جدوجهد ۾ ان سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلند?? لاءِ ضروري آهي ته عالم?? برادري اهڙا عملي قدم کڻي جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم واپس وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو ??ڃي. ڀارت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هر ڪشميري جي شهادت ۽ هر گهر جي تباهي سان ڪشميرين جي ڀارتي قبضي مان آزادي جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. ايئر چيف چيو ته اسان سدائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين.