ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي بزرگن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون. سنڌ جي وقتي گورنر جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعالي?? جا شڪر ادا ڪرڻ گهرجن ته هن اسان کي هڪ آزاد رياست سان نوازيو آهي جنهن ۾ ??مو??ن مذهبن جي پيروڪارن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي مڪمل آزادي سان ??مو??ن رنگ ۽ نسل جي شهرين کي هڪ جه??ا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسان کي گذريل 75 س??لن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي هن پاڪ ملڪ کي عالمي دنيا جي افق تي نمايان مقام ڏياريون.