اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ٻوڏ متاثر??ن جي فوري مالي امداد جي لاءِ 37.2 ارب رپ??ن جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت رقم ورهائڻ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثر??ن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ??رائيم منسٽر ريليف فنڊ به قائم ڪيو ويو آهي. ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي في ماڻهو 10 لک رپيا جڏهن ته هر متاثر گهر جي نئين سر تعمير جي لاءِ 5 لک رپيا فراهم ڪيا ويندا، اين ڊي ايم اي ?? بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر??ن جي مالي امداد جي لاءِ ??رائيم منسٽر فلڊ ريليف ڪيش تعاون پروگرام جي بلوچستان جي ضلعي جهل مگسي کان شروعات ڪئي وئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جذبي ۽ محنت سان ڏکويل انسانيت جي خدمت جي عزم تحت سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جون امدادي ڪوششون تيزي سان جاري آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ۽ مقامي حڪومتون ۽ انتظاميا پاران ٻوڏ متاثر??ن جي محفوظ جاين تي فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ منتقلي، راشن ۽ ريليف جي سامان، ٽينٽ، بسترن، ڊي واٽرنگ پمپس ۽ ٻيڙ??ن جي فراهمي، رابطا روڊن ۽ پل??ن جي بحالي لاءِ ??ر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي. جڏهن ته وزيراعظم پاڻ به ٻوڏ کان متاثر علائقن جا دورا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جو عزم آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ هم ??طنن جو ساٿ نڀائينداسين ۽ ٻوڏ متاثرين کي ٻيهر آباد ڪري ڏيکارينداسين. متاثر خاندانن ۽ علائقن جون رونقون ۽ مسڪراهٽون واپس آڻينداسين. پرائيم منسٽر فلڊ ريليف ڪيش تعاون پروگرام جي بلوچستان جي ضلعي جهل مگسي کان شروعات ڪئي وئي آهي ۽ في خاندان 25 هزار رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن. رقم جي ورڇ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ خصوصي ڪئمپون قائم ڪيون پيون وڃن. شادي شده عورتن ۽ بيواهن کي ترجيحي بنيادن تي مالي امداد فراهم ڪئي ويندي. ٻوڏ متاثرين اهليت ڄاڻڻ جي لاءِ ??نهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 8171 تي ايس ايم ايس ڪندا، نادرا رڪارڊ کان تصديق کانپوءِ ??وڏ سبب فوت ٿيندڙ 493 ماڻهن جي پونئيرن کي 10، 10 لک رپ??ن جا امدادي چيڪ ڪيا ويا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اين ڊي ايم اي کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ريليف آپريشن جي لاءِ 5 ارب رپ??ن جي فراهمي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ گهرن جي نئين سر تعمير جي لاءِ 5 لک رپيا في گهر ڏنا ويندا. پرائيم منسٽر ريليف فنڊ به قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عوام پنهنجا عطيا جمع ڪرائي سگهندي. پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ نمبر G-12164 آهي. وزيراعظم جي هدايت تي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجو ساٿ ڏيڻ جي عزم تحت وزيراعظم فلڊ ريليف ڪيش پروگرام ذريعي ٻوڏ کان متاثر 15 لک مستحق خاندانن جي 90 لک ماڻهن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق سان 25 هزار رپيا في خاندان متاثر علائقن ۾ حصيدار بئنڪن جي خصوصي ڪئمپس جي ذريعي رقم جي ادائيگي ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ 8171 تان انهن کي رهنمائي ايس ايم ايس موڪليو ويندو، ان کانسواٰءِ سروي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ??ر متاثر گهر جي نئين سر تعمير جي لاءِ 5 لک رپيا في گهر ۽ فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ 10 لک رپيا في خاندان امداد ڏني ويندي. ڄاڻايل دستياب معلومات موجب ان ڏس ۾ هيستائين 542 مان 493 فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي چيڪ ذريعي ادائيگي ڪئي وئي آهي ۽ ريليف آپريشن جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 5 ارب رپ??ن جي فراهمي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي خادم طور ٻوڏ متاثرين کي اهو يقين ڏياريو آهي ته جيستائين آخري گهر آباد نه ٿو ٿئي، آئون سک سان نه ويهندس ۽ منهنجو توهان سان اهو واعدو آهي. وزيراعظم قوم کي به اپيل ڪئي ته توهان به اڳتي وڌو، مصيبت ۾ ايندڙ پنهنجي هم ??طنن جي بحالي لاءِ ??رائيم منسٽر فلڊ ريليف سان فنڊ مان دل کولي عطيو ڏيو.