نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گروپ آف فرينڊز آف دي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو (جي ڊي آءِ) جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب جي ڊي آءِ ??ي تجويز چيني صدر شي جن پنگ 20 سيپٽمبر 2022ع تي ڏني هئي. پاڪستان 50 کان وڌيڪ ملڪن تي ٻڌل ”گروپ آف فرينڊز“ ۾ شامل آه?? جنهن جو قيام جي ڊي آءِ ??ي مقصدن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??مل ۾ آندو ويو هو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ ??هم منصوبو آه??. هن چيو ته پاڪستان 29 ارب ڊالر جي ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي منصوبن تي عملدرآمد ڪيو آه?? جنهن سان پاڪستان جي ترقي ۾ اضافو ٿيو آه??. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ٺوس ۽ وسيع اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي لاڳو ڪرڻ ۽ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ ??سا?? جي گڏيل خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ چين ۽ گروپ آف فرينڊز جي ٻين ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آه??.