اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت ۽ منهنجي پارٽي آئين موجب ??ر شهري جي اظهار جي آزادي جي حق کي يقيني ب??ائڻ جي پختي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ????ير??عظم چيو آهي ته حڪومت شهرين کي پاڻ اهڙا فورمز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آزادي جو پوري طرح سان اظهار ڪ??، اهڙن فورمز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. و??ير??عظم چيو ته هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جوان اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کان ملڪ کي ب??ائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مون کي افسوس آهي ته ڪجهه شرڪت ڪندڙن پاران ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.