اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿ??ندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ملڪ ک?? دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف واقعن ۾ شهيد ٿ??ندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 31 ڊسمبر تي جاني خيل بنون ۾ شهيد ٿ??ندڙ سپاهي محمد وسيم جي والد سان فون تي افسوس جو اظهار ڪيو، شهيد جي والد صدر کي چيو ته ٽي پٽ فوج ۾ آهن ۽ قرباني جي لاءِ تيار آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ شهيد جي قرباني ۽ والد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر 29 ڊسمبر تي ڪرم ايجنسي ۾ شهيد ٿ??ندڙ صوبيدار شجاع محمد جي ڀاءُ محمد اشرف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي عبدالرحمان جي ڀاءُ گوهر ياسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، شهيد جي ڀاءُ صدر سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان تي قربان، 10 ڀاءُ هجون ها تڏه?? به شهادت جي لاءِ تيار هجون ها. صدر نائيڪ محمد رمضان جي چاچي سا?? به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ک?? دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن شهيدن کي خر??ج عقيدت پيش ڪيو، وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.