ابوظهبي – 04 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ۾ پ??ڪس??ان جي سفير فيصل نياز ترمزي چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب عالمي ورثي ۾ ڀرپور حصو وڌو آهي، اسان وٽ گنڌارا تهذيب، اسلامي ورثو ۽ سک ورثو آهي جنهن کي اسان گڏيل عرب امارات ۾ فروغ ڏيڻ چاه??ون ٿا، گڏيل عرب امارات ۽ پ??ڪس??ان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، پ??ڪس??اني گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن جڏهن ته جاگرافيائي ويجهڙائپ گڏجي ڪم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي. ابوظهبي ۾ ايمريٽس نيوز ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ٻطرفو واپار گذريل سال جي ڪاٿي 10.6 بلين آمريڪي ڊالر کان وڌي ٻيڻو ٿيڻ جي اميد آهي، گذريل ڪلينڊر سال جي دوران يو اي اي سان پ??ڪس??ان جي واپار جو ڪاٿو وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ رهيو ان جي باوجود ان ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش آهي. هن چيو ته مون کي منهنجي ملڪ جي سياسي قيادت واپار وڌائڻ، ڪاروباري موقعن کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري ۽ پ??ڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ جو ڪم ڏيڻ آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پ??ڪس??ان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، پ??ڪس??ان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي جاگرافيائي قربت گڏجي ڪم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي. سفير چيو ته اٽڪل 1.6 ملين پ??ڪس??اني گڏيل عرب امارات ۾ رهن ٿا ۽ 21 – 2020ع دوران انهن 6.11 بلين ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪليو. هن چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل عرب امارات سان جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي پي اي) تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ اميد آهي ته سال جي آخر تائين ان ڏس ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي، اسان ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اهو تمام اهم آهي. پ??ڪس??ان جي واپار واري زارت گڏيل عرب امارات ۾ لاڳاپيل عملدارن سان رابطي ۾ آهي. فيصل نياز ترمذي چيو ته گڏيل عرب امارات خطي ۾ پ??ڪس??ان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، اقصادي حصيداري جو جامع معاهدو سي پي اي ٻنهي ملڪن کي پنهنجي گڏيل واپار کي ڪيترائي ڀيرا وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندو. هيستائين گڏيل عرب امارات ٽن ملڪن سان معاهدي تي صحيحون ڪ??ون آهن. سفير ٽن شعبن بشمول آءِ ٽي، فنٽيڪ ۽ اسٽارٽ اپس تي روشني وڌي جتي پ??ڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات وڌيڪ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل سال انهن شعبن ۾ اسان جو روانگي واپار وڌي 3 بلين آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو. اسان وٽ هنرمند افرادي قوت ۽ نوان اسٽارٽ اپس آهن، گڏيل عرب امارات ۽ پ??ڪس??ان جي وچ ۾ وڌيڪ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. سفير ترمذي چيو ته گڏيل عرب امارات پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ انساني بنيادن تي فراخدلاڻي امداد فراهم ڪئي جنهن تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورا ادا ڪر??ون ٿا. گڏيل عرب امارات تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن تائين انساني امداد پهچائڻ جي لاءِ هڪ فضائي پل قائم ڪئي، هن امدادي سامان جي 70 کان وڌيڪ اڏامون پ??ڪس??ان موڪليون. هن چيو ته پ??ڪس??ان ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پ??ڪس??ان جي موضوع تي هڪ عالمي ڪانفرنس جو انعقاد ڪري هيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏن کانپوءِ بهتر نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي برادري جي مدد کي متحرڪ ڪري سگهجي. ڪانفرنس جي گڏيل صدارت ملڪ جو وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪندا. اها ڪانفرنس متاثر ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار جي بحالي جي لاءِ هڪ وڏي پئماني تي نئين سر تعمير جي ڪوشش هوندي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن جي قيادت ڪري رهيو آهي جهڙوڪ هو نومبر 2023ع ۾ ڪوپ – 28 جي ميزباني ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پ??ڪس??ان جو عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ حصو رڳو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي جڏهن ته موسمياتي اثرن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلين تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته آبهوا ۽ ماحول اسان جي سياري جو گڏيل ورثو آهي. هن چيو ته گروپ 77 جي سربراهه جي حيثيت سان پ??ڪس??ان شرم الشيخ موسمياتي تبديلي ڪانفرنس (ڪوپ – 27) ۾ زيان ۽ نقصان جي فنڊ جي قيام جي معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي، اسان انهي ڳالهه کي اڳتي وڌائينداسين ته اهي ملڪ جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بري طرح متاثر ٿيا آهن انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. سفير چيو ته گڏيل عرب امارات صاف توانائي جي شعبي ۾ برتري حاصل ڪئي آهي، هو ٽيڪنالاجي ۽ شمسي، هوا يا ڪنهن ٻئي قابل تجديد ذريعن جهڙن منصوبن ۾ س??ڙپڪاري ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پ??ڪس??ان گڏيل عرب امارات سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ تمام جلد انهن ڳالهين جو نتيجو نظر ايندو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪ??ون آهن. اميد آهي ته پ??ڪس??ان ۾ قابل تجديد ذريعن جو هڪ وڏو منصوبو عملي شڪل اختيار ڪندو. سفير ڪجهه اهڙن شعبن جي نشاندهي ڪئي جتي ٻئي ملڪ پنهنجي تعاون کي وڌائي سگهن ٿا ۽ چيو ته پ??ڪس??ان جي واديءَ سنڌ جي تهذيب عالمي ورثي ۾ ڀرپور حصو وڌو آهي. هن چيو ته اسان وٽ گنڌارا تهذيب، اسلامي ورثو ۽ سک ورثو آهي جنهن کي اسان گڏيل عرب امارات ۾ فروغ ڏيڻ چاه??ون ٿا. سفير چيو ته اسان اماراتي رهواسين سان گڏوگڏ ٻين قوميتن کي پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي قدرتي حسن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته پنهنجي شاندار ۽ والهداڻي قدرن مان لطف اندوز ٿيڻ جي ترغيب ڏينداسين.