اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گرمين ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي م??اسب قدمن ۽ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گرمي جي م??سم ۾ بجلي جي پهچ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي س??ن هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳا??ها??يندي وزيراعظم چيو ته گرمين جي م??سم ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ان حوالي س??ن لوڊ مئنيجمينٽ جا مناسب قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته ان تجويز ڪيل حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن گرمي جي اچڻ کان اڳ لاڳاپيل ادارن وٽ هڪ ٺوس ۽ جامع پلان موجود هجي. وزيراعظم چيو ته گرمين جي م??ينن خاص طور تي رمضان المبارڪ دوران گهٽ کان گهٽ لوڊشي??نگ ڪئي وڃي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته بجلي جي پيداوار جي حوالي س??ن انرجي مڪس ۾ مقامي ٻارڻ ۽ متبادل وسيلن جو حصو مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري م??انگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ درآمدي بل ۾ پڻ خاطرخواهه گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ کي مڪمل آپريشنل بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هن پاور ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي س??ن هم آهنگي ۽ رابطو بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي س??ن تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته عوام تي بجلي جي لوڊشي??نگ جو بار گهٽ کان گهٽ وجهڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.