GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران شرپسند عنصرن پاران صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران شرپسند عنصرن پاران صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو، آزاد ڪشمير جي عوام پاڪستان سان والهاڻي محبت ڪري ٿي، پاڪستان ڪشميري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿاريندو رهندو، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا بهتر طريقي سان ٿيا. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ۽ اتحادين جو ٿورائتو آهيان، تحريڪ هلائيندڙن پنهنجي جائز معاملن جي لاءِ هڪ جمهوري انداز ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ان تحريڪ ۾ ڪجهه اهڙا شرپسند عنصر هئا جن جو مقصد هو ته ڪنهن طريقي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀڃ ڊاهه، انساني جانين جو زيان ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو وڃي. آزاد ڪشمير جي مضبوط ۽ جاندار قوم پنهنجي مفاد کي بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي. پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ڪشميرين جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. پاڪستان ڪشميري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿاريندو رهندو. او آءِ سي جي ڪانفرنس ۾ به نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ جيڪو پڌرنامو جاري ٿيو ان ۾ ڪشمير جو ڀرپور طريقي سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ مون ڪشمير جي ڳالهه ڀرپور طريقي سان ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اهي رڳو زباني ڳالهيون نه آهن، اها دلين جي ڳالهه آهي. ڪشميرين جي هر فورم تي اخلاقي ۽ سفارتي امداد جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ بدقسمتي سان هڪ پوليس اهلڪار ۽ ڪجهه شهري مارجي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ٿي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. شهيدن جي گهرڀاتين کي امدادي پئڪيج ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي لاءِ 23 ارب رپين جو پئڪيج منظور ڪيو. 23 ارب رپيا آزاد ڪشمير حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي چڪا آهن. اهو ڪو احسان نه آهي اسان جو فرض آهي. ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي. پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام جي هڪ ٻئي سان والهاڻي محبت آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميرين جو رت وهايو پيو وڃي. ڪشميرين سان جيلن ۾ زيادتي ٿي رهي آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن جون قربانيون رنگ آڻينديون. پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. اهڙي طرح فلسطين ۾ 36 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هزارين ٻار، عورتون ۽ مرد شهادت ماڻي چڪا آهن پر دنيا ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. اسان کي پنهنجي پرامن جدوجهد ۽ اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻي آهي. انشاءَ الله اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي ترقي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستان جي دوري تي آهي. ٽيم جي دوري کانپوءِ التوا هيٺ معاملن جو جلد جامع ڳالهه ٻولهه سان حل ڪڍنداسين ته جيئن اڳتي اهڙي طرح جا واقعا نه ٿين. پاڻي جي حوالي سان جيڪي معاملا آهن انهن جو به حل ڪڍيو ويندو. وزيراعظم چيو ته منگلا فيز ٽو جي باقي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. اهڙي طرح نيلم جهلم جي حوالي سان معاملن کي پڻ مشاورت سان حل ڪيو ويندو. ان جي لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا پلان تيار ڪيا وڃن ته جيئن آزاد ڪشمير جي عوام کي ان ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ته رڳو ڳالهيون نه عمل به ٿي رهيو آهي. ان جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا معاملن کي اڳتي وڌائي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي ذاتي طور تي انهن معاملن کي نگراني ڪرڻ گهرجي. ڪفايت شعاري جي لاءِ آزاد ڪشمير جي حڪومت جي قدمن کي ساراهيون ٿا. اڄ اسان جو ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، جيڪڏهن قرضن مان جان ڇڏرائڻي آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي معدنيات جا بي شمار خزانا آهن پر بدقسمتي سان 76 سالن ۾ اسان انهن مان فائدو نه کڻي سگهياسين، هاڻي اسان کي ان حوالي سان عملي قدم کڻڻا پوندا. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق به موجود هئا. ان موقعي تي آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں