اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته الله تعاليٰ اسان ??ي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهڻ جي صلاحيت سان نوازيو آهي، ان مان فائدو کڻڻ گهرجي، ڪوڙين خبرن کان ??چي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، الله تعاليٰ جا لک ٿورا آهن جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد وطن ۾ جيئڻ جو حق ڏنو، آزادي تمام وڏي نعمت آهي، جنهن جو اسان کي احساس آهي، آزادي لاءِ ننڍي کنڊ جي زمين مسلمانن جي رت سان ڳاڙهي ٿي وئي، قيام پاڪستان ۾ سر سيد احمد خان، مسلم ليگ جي پهرئين صدر سر شاهه محمد سلطان ??اهه، محمد آغا خان، مولانا محمد علي جوهر ۽ علامه محمد اقبال پاڪستان ??ي قيام جو فڪري بنياد وڌو، قائد ملت لياقت علي خان ۽ قائداعظم محمد علي جناح رحه آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون جنهن جو اهو ثمر آهي ته اڄ اسان ??زاد ملڪ ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي 14 آگسٽ 2021ع تي پاڪستان ??ي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هتي ايوان ??در ۾ منعقد جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جو جائزو وٺون ته اسان ??ي رخ جي خبر پئجي ويندي آهي، هن چيو ته ماضي ۾ اسان ??ي ٽي جنگيون مڙهيون ويون ۽ خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ جاري آهي، پاڪستان کي هٿيارن جي ان ڊوڙ ۾ ڦاسايو ويو آهي، هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ??رعي مان ??نعتي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ملڪ بڻجي رهيو آهي، اسان پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان وڏا وڏا ڪارناما نمايان ??رانجام ڏنا آهن. صدر چيو ته 1974ع ۾ جڏهن ڀارت ايٽم بم جو ڌماڪو ڪيو ۽ صرف 7 سالن جي ٿوري عرصي ۾ پاڪستان پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان ??ها منزل حاصل ڪري ورتي جيڪا تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان پنهنجي ذهانت جي ڪري دنيا جي ملڪن ۾ اهم مقام رکي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ جڏهن افغانستان ??ون حالتون خراب ٿيون ته ان ??و اثر پاڪستان ??ي به پيو ۽ پاڪستان ??هشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو. صدر چيو ته جيڪڏهن اڄ اولهه ۽ وچ اوڀر جا ملڪ ڏسون ته وڏي تباهي ٿي آهي پر پاڪستان هڪ لک جانين جي قرباني ۽ قومي معيشت کي پهچندڙ 50 ارب ڊالر جي نقصان کي برداشت ڪري دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ ان ??ي ضابطو آندو، اسان ??ي هٿياربند فوج جي قربانين ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ اسان ??هي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ 35 لک افغان پناهگير آيا ته اسان ??نهن کي پناهه ڏني ڪنهن تي احسان ناهي ڪيو پر پنهنجي بهترين اخلاق جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته جيڪڏهن اڄ انساني حقن جي علمبردار قومون جو حال ڏسون ۽ پاڪستان ??ي ڪردار جو جائزو وٺون ته اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته انساني حقن جو درس ڏيندڙ قومون پناهگيرن کي مرڻ ته ڏينديون آهن پر پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ناهن ڏينديون. هن چيو ته پاڪستان ??فغان پناهگيرن جي ميزباني لاءِ اعليٰ اخلاق جو مظاهرو ڪيو ۽ اخلاقيات سان ??ي قومون ٺهنديون آهن. ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته پاڪستان ??زمائشن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ۽ ان ??ي ڪاميابي حاصل ڪري قوم ثابت ڪيو ته اسان مشڪل ۽ آزمائش تي پورو لهي سگهون ٿا چاهي اهو 2005ع جو زلزلو هجي، 2010ع جو ٻوڏ هجي، يا ڪووڊ – 19 جي وبا هجي، اسان گڏجي مشڪلاتن جو مقابلو ڪندا آهيون. هن چيو ته اها ئي اسان ??ي قوت آهي ۽ اسان هڪ مضبوط قوم بڻجي رهيا آهيون. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته جڏهن ڪووڊ- 19 جي وبا ملڪ ۾ آئي ته وزيراعظم عمران ??ان پوري دنيا کان پهرين ملڪ ۾ همدردي جي چادر وڇائيندي چيو ته آئون نٿو چاهيان ??ه ماڻهو بک مرن ۽ پريشان ٿين، اها ڳالهه دنيا جي ڪنهن ٻي اڳواڻ نه چئي هئي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران ??سان ??الم سڳورن، ماهرن، ميڊيا ۽ عوام جي مدد سان ??ن تي ضابطو آندو، الله تعاليٰ سان پنهنجي تعلق کي برقرار رکي محنت ڪئي جنهن سان وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي پهرئين، ٻي ۽ ٽئين لهر جو اسان ڪاميابي سان مقابلو ڪيو هاڻي چوٿين لهر جي آزمائش آهي، ان لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد جو خاص خيال رکيو وڃي، هن چيو ته اها هڪ آزمائش آهي جيڪڏهن آبهوا ۽ جاگرافيائي جي مناسبت سان ڏسون ته اسان ??ي پاڙيسري ملڪن ۽ اسان ۾ وڏو فرق آهي، اسان همدردي جي بيناد تي ان ??و مقابلو ڪيو ۽ ڪامياب ٿياسين، ان کانسواءِ اسان ??ي ملڪ جي معيشت به ترقي ڪري رهي آهي، دنيا ڏسي رهي آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود پاڪستان ??و روانگي واپار 31 ارب ڊالر، مٽاسٽا جو ناڻو 29 ارب ڊالر ۽ ٽيڪس وصوليون هدفن کان ٽپي ويون آهن، ان کانسواءِ پاڪستان ??سٽاڪ ايڪسچينج ۾ سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا. هن چيو ته مديني جي رياست جو خواب ۽ هڪ اسل??مي فلاحي رياست اسان ??ي خواهش آهي ۽ ان ??رف پاڪستان وڌندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته اسل??مي فلاحي رياست جي بنيادي ٿنڀن ۾ معاشرتي ۽ معاشي انصاف، غربت جو خاتمو، صحت ۽ تعليم بنيادي اهميت رکندڙ آهن. حڪومت ان ??والي سان قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مديني جي رياست جو جائزو ورتو وڃي ته اتي به بک کان ڇوٽڪاري ۽ عو??مي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ خاتم النبيين ﷺ ۽ خلفاءِ راشدين قدم کنيا هئا، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ماڻهن کي بک کان ??حفظ فراهم ڪرڻ ۽ ڇت جي فراهمي جي بنياد تي احساس پروگرام تحت ڪم ڪيو پيو وڃي، ان ??لسلي ۾ احساس پروگرام جي ذريعي ڪووڊ – 19 جي دوران ملڪ جي 150 ڪروڙ خاندانن ۾ 170 ارب روپيا ورهايا ويا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن به مشڪل پيدا ٿي ته حڪومت عوام جي به مدد ڪئي. هن چيو ته ڪورونا وبا جي باوجود مشڪل معاشي حالتن ۾ حڪومت شاگردن کي 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون، ان کانسواءِ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ 400 کان 450 ارب روپين جا منصوبا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ??رفان معاشري جي مختلف طبقن کي قرضن جي فراهمي جا هدف مقرر ڪيا ويا جنهن سان ماڻهن فائدو حاصل ڪيو تنهن هوندي به مالي مدد جي پروگرام مان فائدي لاءِ رکيل رقم پوري طرح استعمال ناهي ٿي، ان لاءِ نوجوان ??بقي کي گهرجي ته ڪامياب جوان پروگرام تحت پنهنجي روزگار جي ڳولا ڪن، ان ??ڪيم ۾ انتهائي گهٽ شرطون رکيون ويون آهن جنهن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ماضي ۾ ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪري ماڻهو پڙهي نه سگهيا ۽ محنت مزدوري ڪندا رهيا اسان ??نهن جي پيشيوراڻي مهارتن ۾ اضافي ۽ نوجوان نسل کي معياري تعليم جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ته جئين هو بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته الله تعاليٰ اسان ??ي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهارڻ جي صلاحيت سان نوازيو آهي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ ڪوڙين خبرن کان ??چي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته پاڪستان ??يزي سان هڪ ڊجيٽل ملڪ بڻجي رهيو آهي ۽ نالج اڪانومي مان فائدو کڻڻ انتهائي ضروري آهي ڇو ته ترقي يافته ملڪن ۾ وڏيون وڏيون عالمي ڪمپنيون معدنيات ۽ قدرتي ذخيرن کان هٽي ڪري ذهني ذخيرن مان فائدو کڻڻ تحت اڳتي وڌي رهيون آهن، اسان ??ه ڪنهن کان گهٽ ناهيو ڇو ته نيوڪليئر ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۽ ڪووڊ – 19 کان ??حفظ جي قدمن سان ??سان پنهنجي اهليت کي ثابت ڪيو آهي. هن چيو ته اسلام ۾ صفائي جي بينادي اهميت آهي ۽ ان کي نصف ايمان قرار ڏنو ويو آهي، صفائي جا مختلف قسم آهن، جسماني، روحاني ۽ ماحولياتي صفائي شامل آهي، اسان ??و نبي ﷺ به طهارت کي انتهائي اهميت ڏيندا هئا، جسماني ۽ روحاني طهارت سان گڏوگڏ ماحولياتي طهارت به ثواب جو ڪم آهي ۽ پاڪستان ??ن رستي تي گامزن آهي ۽ 10 بلين ٽري سون??مي منصوبي تحت ملڪ ۾ وڻ پوکڻ جو ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماحوليات کي به شفاف رکي سگهجي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته غير قانوني ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلمن تي دنيا ڌيان ڏئي ڇو ته ان مسئلي جي ڪري اسان ??ي ٽي جنگيون مڙهيون ويون هاڻي ڀارت آرٽيڪل 35 اي ختم ڪري اسان ??ي ڪشميري ڀائرن کي وڌيڪ مشڪل ۾ وڌو ۽ نئين ڊوميسائيل پاليسي سان ??بادي جو تناسب بدلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر پاڪستان ۽ ڪشميري برادري ان ۾ رڪاوٽ آهن. هن چيو ته ڀارت جي قابض فوج پيلٽ گنز جي استعمال سان لکين ڪشميرين کي زخمي ۽ نور کان محروم ڪرڻ سان گڏوگڏ شهيد به ڪيو آهي، ميڊيا تي پابنديون لاڳو آهن، هن چيو ته صرف ڀارت جي غير قانوني ڏاڍ ڪشمير ۾ ئي نه پر پوري ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جاري آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ن حوالي سان پوري دنيا کي ٻڌايو آهي ته ڀارت اقليتن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارت جي قيادت جي خلاف هندو توا ۽ آر ايس ايس جي سوچ مڙهڻ تي آواز بلند ڪري. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي ۽ ڪوڙين خبرن جي بنياد تي پاڪستان ??ون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ناڪام ڪوششون ڪري رهيو آهي، پر ان ۾ ڪامياب نه ٿيندو، هن چيو ته اسان کي پاڻ کي اخلاقي طور تي مضبوط ڪرڻو پوندو. افغان ??ي تازي صورتحال جي حوالي سان ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو ته هن وقت افغانستان ۾ شدت واري ڪيفيت آهي پر اميد آهي ته اتي جلد امن امان قائم ٿيندو،هن افغان ڀائرن کي درخواست ڪئي ته صلح حديبيه کي سامهون رکي پاڻ ۾ ٺاهه ڪريو، هن چيو ته اسان ??ا افغان ڀائر گذريل 40، 50 سالن کان مسلسل آزمائش ۾ آهن جنهن جي ڪري لکين افغاني شهيد ۽ پناهگير ٿيا آهن، هن چيو ته اسان ??سلام جي پرامن فلسفي تي عمل ڪري افغانستان ۾ امن ۽ امان ??ڻي سگهون ٿا، اتي امن ٿيندو ته ان ??ي پنهنجي ڀلائي سان گڏوگڏ پاڙيسري ملڪن جو به فائدو ٿيندو. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ صدر اسل??مي ملڪن ۽ سي پيڪ منصوبي جي حوالي سان ٿورن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هڪ اڀرندڙ قوم ۽ هڪ طاقتور قوم بڻجڻ وڃي رهيا آهيون، هي ملڪ وڏين قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو هو جيڪو ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ان ??و مستقبل روشن آهي، انشاءُ الله مديني جي رياست جي خواب جي تڪ??يل ۾ الله تعاليٰ اسان ??ي لاءِ نوان ??ستا پيدا ڪندو. ان کان ??ڳ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي شروعات سائرن وڄائي ڪئي وئي، ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي قومي جهنڊو ڦڙڪايو، تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، وفاقي وزير، هٿياربند فوجن جي سربراهن، مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان ??علق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر پوري پاڪستاني قوم کي آزادي جا 74 سال مڪمل ٿيڻ ۽ 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون.