اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته لتا منگيشڪر جي لاڏاڻي سان ننڍو کنڊ صحيح معنيٰ ۾ موسيقي جي دنيا جي ??ظي?? آوازن مان هڪ کان محروم ٿي ويو، سندس آواز ۽ گانا سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ??ي تفريح جو وسيلو بڻيا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته لتا منگيشڪر جي موت سان ننڍو کنڊ حقيقي معنيٰ ۾ هڪ ??ظي?? گلوڪاره کان محروم ٿي ويو آهي. سڄي دنيا جا مداح سندس گانن مان لطف اندوز ٿيندا هئا.