اسلام آباد – 22 – مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بريگيڊيئر مصطفي برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گهڻو ڏک ٿيو آهي. اسان جي بهادر سپوتن ملڪ دشمن قوتن سان پنهنجي ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??هش??گردي کي پاڙ کان پٽي اڇلايو ويندو. ڇاڪاڻ جو اها پاڪستان جي تصور جي خ??اف آهي. وزيراعظم ڏکايل خاندانن سان تعزيت ڪئي آهي.