اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتصادي سڌارن ۽ ايڊج??ٽم??نٽ جي ??روگرام تي سختي سان عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئنڪ هلندڙ مالي سال جي ??ڄاڻي تي معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جڏهن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي ??الي سان جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي ??ڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي اقتصادي سستي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حساين ٻڌايو ته پاڪستان جي اقتصادي اوسر ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام ثابت قدمي سان اقتصادي سڌارن ۽ ايڊج??ٽم??نٽ جي ??اليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻڌايو ته اقتصادي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ??و. ان ??اء?? سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي ??عيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏهن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي سڌارن جي ??روگرام ۽ سال 2024ع ۾ عام چونڊن سان اعتماد ۾ اضافو ٿيندو جڏهن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان زراعت سميت مختلف شعبن ??اء?? مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي ??راهمي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنعتن کي به فائدو ٿيندو.