اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ طلب جي ڪري سوئس ڪ??پنين جي لاءِ بجلي جي قابل تجديد، هائيڊل ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي پيداواري منصوبن ۾ تمام گهڻي منافعي وارا موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئس ڪ??فيڊريشن جي ڪائونسل آف اسٽيٽس جي صدر جين ريني فريئر سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??.