اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪورونا و??ئرس هن وقت ت??ئين 147 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، انهن ملڪن ۾ هڪ لک 72 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ان مرض سبب 97 کان 98 سيڪڙو ماڻهو مڪمل صحتياب ٿي ويندا آهن، ملڪ ۾ ڪورونا و??ئرس جي صورتحال جي باري ۾ روزاني جي بنياد تي عوام کي آگاهه ڪيو ويندو، گذريل ڏينهن ڪوڊ 19 ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۾ ڪورونا و??ئرس جي حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سينٽر بڻائڻ جو مقصد مستند ۽ تازا ترين معلومات ميڊيا تائين باقاعدگيءَ سان پهچائڻ آهي، ان حوالي سان روزاني جي بنياد تي معلومات ڏني ويندي. هن ٻُڌايو ته وائرس سبب هن وقت ت??ئين 147 ملڪ متاثر ٿيا آهن، انهن ملڪن ۾ 78 هزار ماڻهو اهڙا آهن جيڪي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن.