اسلام آباد – 06 آگسٽ (ا?? پي پي) ??زي??اعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص معاون ع??مان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر فورس ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ??زي??اعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زي?? سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽائيگر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته ??زي??اعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. ??زي??اعظم جي خاص معاون ع??مان ڊار چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو. ??زي??اعظم عمران خان جي هد??يت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ويندو.