اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سم??را قدم کنيا ويندا، ايندڙ هفتي کان ان ڏس ۾ حڪومتي حڪمت عملي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته شين جي قيمتن ۾ اضافي جي سببن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ايندڙ هفتي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سم??را قدم ک??نداسين. هن چيو ته ان ڳالهه جو جائزو وٺڻو آ??ي ته شين جي پهچ ۾ واقعي گهٽتائي آهي يا ان جو سبب ذخيره اندوزي آهي، اهو به ڏسڻو آ??ي ته عالمي منڊي ۾ پام آئل، دالين ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ڪو اضافو ٿيو.