اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) ڪورونا جي وبا کانپوءِ ملڪ ۾ ثقافتي سرگرميُون شروع ٿي ويون آهن، سردي جي رُت اچڻ سان ثقافتي سرگرميون وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪ ميلا سان شروع ٿي ويون آهن، اسلام آباد ۾ لوڪ ميلو 6 کان 15 نومبر تائين جاري رهندو، لوڪ ميلي جي روزاني سرگرمين ۾ هر صوبو پنهنجي ثقافت جي عڪاسي ڪندو آ??ي، پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽ پاران روز پتلي تماشو به منعقد ڪيو ويندو، لوڪ ميلي دوران بغير ماسڪ داخلا منع آ??ي، سالياني ثقافتي ميلي جو افتتاح تعليم ??رب??ت وار?? وفاقي وزير شفقت ??حمود ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪند?? وفاقي وزير شفقت ??حمود چيو ته ڪورونا جي ڪري هن سال وڌيڪ احتياط جي ضرورت آ??ي، هن چيو ته ڪورونا جي حالتن ۾ ايس او پيز سان ميلي جو انعقاد تعريف جي قابل آ??ي، لوڪ ورثه ثقافت جي رنگن کي پنهنجي اندر سمائي رکي ٿو، ه?? جديد دور ۾ ڪيترائي ساز ۽ روايتون اڻ لڀ ٿي رهيون آهن، وفاقي وزير شفقت ??حمود چيو ته اسان کي انهن روايتن کي سنڀالي رکڻو آ??ي، ۽ اهو واعدو ڪرڻو آهي ته ڪنهن به ورثي کي ختم ناهي ٿيڻ ڏيڻو.